عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور

عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشه خاني ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان توشه خاني جا تحفا پنهنجي اثاثن ۾ لڪايا، عمران خان طرفان بادي النظر ۾ بيان جمع ڪرايو ويو. غلط آهي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان بيانن ۾ تحفن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا، اڳوڻي وزيراعظم تحفن جي وڪرو مان حاصل ڪيل رقم جا تفصيل به ظاهر نه ڪيا.اسلام آباد جي ضلعي سيشن ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو ته عمران خان اليڪشن ايڪٽ جي قلم 174 جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه ثابت ٿيو، اڳوڻي وزيراعظم خلاف داخل درخواست باقاعده ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان 9 جنوري تي ٽرائل لاءِ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو