واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي ملڪيت واري اهم عمارت وڪڻڻ جون تياريون ڪيون ويون. آمريڪا ۾ وڪري لاءِ اها عمارت نارٿ ويسٽ واشنگٽن ڊي سي جي سڀ کان مهانگي علائقي ۾ واقع آهي، جيڪا 13 هزار چورس فوٽ کان به وڌيڪ ايراضيءَ تي قائم آهي.اڳوڻي آمريڪي صدر اوباما ۽ سندس ڌيءَ ايوانڪا جو به پاڪستاني عمارت ڀرسان گهر آهي، جڏهن ته دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ جيف بيزوس به عمارت جي ويجهو ئي رهندو آهي.وڪري لاءِ عمارت رهائشي ۽ آفيس جي جاءِ نه هجڻ سبب ۽ ڪيترن ئي سالن کان استعمال نه ٿيڻ سبب انتهائي زبون حالت ۾ آهي، سول قاعدن موجب عمارت جي ٻاهرئين شڪل کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ عمارت جي مرمت ممڪن آهي.شهري حڪومت طرفان 17-2016ع ۾ پاڪستاني عمارت تي 70 هزار ڊالر ڏنڊ لڳايو ويو هو.ٻئي طرف پاڪستاني سفارتخاني عمارت جي وڪرو جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، جڏهن ته عمارت جي ٻاهران لڳايل فار سيل بورڊ به اوچتو هٽايا ويا آهن.










