حيدرآباد/ سکر(نمائندن وٽان) سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي جو اڄ وزيراعظم ميان شهباز شريف پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ حيدرآباد کان ڪراچي تائين نئون موٽروي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم حيدرآباد لاءِ 2 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان به ڪيو. هڪ ارب وفاقي حڪومت ۽ هڪ ارب سنڌ حڪومت ادا ڪندي. سيوهڻ تائين ڊبل هاءِ وي مڪمل ڪرڻ ۽ سيوهڻ باءِ پاس بابت احسن اقبال، مولانا اسد الرحمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي کين هدايت ڪئي ته بنا دير ان تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد جي سخت ضرورت آهي ۽ ايندڙ هفتي کان ٻيهر متاثرعلائقن جو دورو ڪندس. وزيراعظم سکر پهتو جتي سنڌي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد خورشيد شاهه ۽ آءِ ٽي منسٽر امين الحق سندس استقبال ڪيو. مواصلات جو وفاقي وزير اسد الرحمان، رٿا بندي وارو وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي سکر روهڙي پل ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پرائيويٽ پبلڪ پارٽنر شپ هيٺ ڪافي منصوبا شروع ڪيا آهن. وفاقي حڪومت به هن ماڊل کي فالو ڪندي. هن چيو ته 30 مهينن ۾ سکر حيدرآباد موٽر وي جيڪو 306 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، اهو مڪمل ڪيو ويندو. 3 کرب 7 ارب رپين جي لاڳت واري منصوبي جي افتتاحي تقريب سکر ۾ ٿي پر هو ڪجهه دير ۾ حيدرآباد به پهچندو. ان کان اڳ افتتاحي تقريب 9 ڊسمبر تي ٿيڻي هئي، جيڪا وزيراعظم جي ٻين مصروفيتن سبب ملتوي ڪئي وئي هئي. اڄ تقريب ٻن هنڌن تي ٿيندي. ان تقريب ۾ پشاور کان شروع ٿيندڙ موٽر وي منصوبي جي آخري لنڪ جي تعمير جو پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو. شيڊول موجب ايم 6 موٽر وي جي افتتاحي تقريب سول ايوي ايشن آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ٿيندي جڏهن ته سنگ بنياد رکڻ واري تقريب آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ ٿيندي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ايم 6 جي جنرل مئنيجر پرڪاش لوهاڻو موجب وزيراعظم موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ پهريان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو دورو ڪندو ۽ پوءِ ساڳئي ڏينهن حيدرآباد پهچندو. وزيراعظم سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير امين الحق ۽ مواصلات ۽ پوسٽل سروس وارو وفاقي وزير اسد محمود به گڏ هوندا. ايم 6 جي جنرل مئنيجر چيو ته منصوبي جي ڪاميابي جو دارومدار سنڌ حڪومت پاران زمين حاصل ڪرڻ تي آهي، جنهن ۾ سستي نظر اچي رهي آهي. هن ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کان تعاون جي گهر ڪئي ته هو جلد کان جلد زمين حاصل ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڊي سي هالا 2 ارب روپين کان وڌيڪ پئسا هضم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار آهي ۽ ڊي سي وشهروفيروز تاشفين عالم پئسا لٽي پرڏيهه هليو ويو آهي پر سندس زال گرفتار آهي.










