ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ باوجود لاڊلي کي کليل ڇوٽ مليل آهي: جاويد

ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ باوجود لاڊلي کي کليل ڇوٽ مليل آهي: جاويد

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وفاقي وزير جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ باوجود لاڊلو اڃا تائين لاڊلو آهي،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي جاويد لطيف چيو ته لاڊلا عدالتن ۾ پيش نه ٿيو، اڃا تائين سندس ڪيس ختم ٿي رهيا آهن،هنن جو چوڻ آهي ته اسان سياست تي قربانيون ڏئي رهيا آهيون، جان به ڏئي سگهون ٿا، 2018 جي اليڪشن وانگر هن ضمني اليڪشن ۾ به سهولتڪاري ڪئي وئي،مسلم ليگي اڳواڻ عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عوام مهانگائي کان تنگ اچي ويو آهي ۽ اربين روپين سان جلسا ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته حقيقت ۾ اهي رياست سان کيڏي رهيا آهن، انهن ادارن کي خطرو آهي،مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وفاقي وزير جاويد لطيف جو به چوڻ آهي ته ماڻهو هن وقت خاموش آهن، جيڪڏهن ادارن نوٽيس نه ورتو ته عوام جاڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو