پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 9 هزار 326 ارب رپين جو اضافو

پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 9 هزار 326 ارب رپين جو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل مالي سال 22-2021ع ۾ پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 9 هزار 326 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. 30 جون 2022 تي اهو 39,800 بلين رپين مان وڌي 49,200 بلين رپيا ٿي ويو.ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب گذريل مالي سال ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان جي قرضن ۾ 3 هزار 764 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب پاڪستان جا ڪل قرض ۽ واجبات گذريل مالي سال 30 جون 2022 59,690 بلين رپيا آهن.ڊالر ۾ پاڪستان جو قرض 204 رپيا في ڊالر جي شرح سان 240 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.انگن اکرن موجب 1 هزار 326 ارب رپين جي وڌندڙ قرضن ۾ 2 هزار 428 ارب رپيا پرائمري خسارو، 3 هزار 182 ارب رپيا سود ۽ 490 ارب رپيا نقد ۽ 3 هزار 764 ارب رپيا ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب وڌيا.

پهنجو تبصرو موڪليو