ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ وڏي گهٽتائي، سون جو اگهه 3750 رپيا في تولو سستو ٿي ويو، عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن سون جو اگهه 2 ڊالر گهٽجي 1570 ڊالر في اونس ٿي ويو. تفصيل موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 2 ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 750 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 2 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1642 ڊالر جي سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ في تولو سون جو اگهه 3 هزار 750 ۽ 3 هزار 216 رپيا گهٽجي ويو آهي.عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ سون جي في تولو قيمت 1 لک 50 هزار 100 رپيا ۽ في 10 گرام جي قيمت 1 لک 28 هزار 686 رپين جي سطح تي اچي وئي آهي.ان جي برعڪس چاندي جو في تولو اگهه 1570 رپيا ۽ چاندي جي 10 گرام جو اگهه 1346.02 رپيا تي برقرار رهيو.










