حسن علي ڀارتي ڇوڪري پسند ڪري ورتي 20 تي شادي طئي

دبئي( م ڊ) شعيب ملڪ بعد پاڪستان جي هڪ ٻئي ڪرڪٽر حسن علي به ڀارتي ڇوڪري پسند ڪري ورتي 20 آگسٽ ساڻس دبئي جي هوٽل ۾ پرڻو ڪندو. ڀارتي چوڪري شميه جيڪا امارات ايئر لائن ۾ انجنيئر آهي تنهن جي والدين جو تعلق هريانا سان آهي ۽ ويجها مٽ مائٽ دلي ۾ رهن ٿا. هوءَ پاڻ والدين سان گڏ دبئي ۾ رهندي آهي، لنڊن مان پڙهيل شميه سان حسن علي ملاقاتون ڪيون ٻنهي جي خاندانن اتفاق ڪيو. شادي لاءِ دبئي جو ايٽلانٽس پام هوٽل بڪ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو