طيبه گل ڪيس، طلبي خلاف عدالت ۾ درخواست

طيبه گل ڪيس، طلبي خلاف عدالت ۾ درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور جي ڊائريڪٽر جنرل شهزاد سليم طيبه گل طرفان هراسان ڪرڻ جي سنگين الزامن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ سيڪريٽري قومي اسيمبلي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ونگ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اختيار جي ڀڃڪڙي ڪندي مون کي سمن اماڻيا، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي نوٽيس تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو