ڪراچي ( ن سنڌيار) شھر قائد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ظلم بند ٿي نه سگھيو سڄو شھر اونداهي ۾ ٻڏي پيو ڪاروبار ٽپ ٿي ويو شھري عوام ٻٽي غذاب ۾ مبتلا ڪنهن به نوٽيس نه ورتو شھرين پاران ڪيل احتجاجي مظاھرين ۽ دھرڻن به رنگ نه لاٿو تفصيل موجب شھر قائد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ظلم بند ٿي نه سگھيو اڌ کان وڌيڪ شھري ڪي اليڪٽرڪ جي ظالماڻي ازيت ۾ مبتلا ڪلاڪن جي ڪلاڪ ھٿرادو بجلي جي لوڊ شيڊنگ سبب ڪاروبار ٽپ ٿي ويو جڏهن ته رات جو به عوام سڪون جو ساھ کڻي نه سگھي ڏينهن جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ھئڻ ڪري ۽ سخت گرمي سبب ڪراچي جون اڪثر بازارون ويران جڏهن ته رات جي وقت به شھري عوام محصوم ٻارڙن سميت مختلف پارڪن توڙي فوٽ پاٿن تي گذارڻ تي مجبور آهن ڪراچي جي علائقن لياري ـ گلشن اقبال ـ ملير ـ گڏاپ ـ واٽر پمپ ـ گلبرڪ ـ ناظم آباد ـ سرجاني سميت اڌ کان مٿي شھر اونداهي ۾ ٻڏل ڪنهن به نوٽيس نه ورتو جڏهن ته شھرين پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم خلاف ڪيل احتجاجي مظاھرين ۽ دھرڻن بھرنگ نه لاٿو عوام بجلي جي ان ٻٽي عذاب ۾ وڌيڪ مبتلا ھئڻ ڪري انساني زندگي پڻ مفلوج بڻجي چڪي آهي










