پ پ مخالفن مون تي تشدد ڪيو ،اغوا ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي: جاويد سمون

پ پ مخالفن مون تي تشدد ڪيو ،اغوا ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي: جاويد سمون

بدين(ن سنڌيار) ميونسپل ڪميٽي بدين جي وارڊ نمبر 13 ۾ جي ڊي اي جي اميدوار جاويد سمون بدين پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته آئون صبح جو رٽرننگ آفيسر وٽ چونڊ نشان لا ء پارٽي ٽڪيٽ ۽درخواست ڏيڻ کانپوء گھر وڃي رھيو ھس ته کيس سندس مخالف پ پ پ جي اميدوار نور محمد ملاح ۽ پ پ پ جي با اثر وڏيري حيدر چانڊيو ھتيارن جي زور تي اغوا ڪري ھڪ جڳهه ۾ بند رکيو ۽ مون تي پ پ پ جي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻڻ لاء تشدد ڪيو ۽ شام جو مون کي گاڏي ۾ کڻي رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ کڻي ويا جتي ھٿ کڻڻ جي اڳ ۾ ئي پيل درخواست تي زبر دستي صحيح ڪرائي ويئي ۽ پوء مونکي اھو چئي ڇڏي ڏنو آهي ته اسان جو ڪم ٿي ويو تون ھليو وڃ ھن چيو ته مون ھٿ ناهي کنيو آئون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان مرڻ گھڙي تائين گڏ ھوندس ھن اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي آهي منھنجو فارم بحال رکيو وڃي ۽ مخالف پ پ پ اميدوار جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ان موقع تي بدين جي سڀني وارڊن مان جي ڊي اي جا اميدوار ڪائونسلرن سميت مرزا گروپ جا اڳوڻا ڪائونسلر پڻ موجود ھوا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو