لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن سان ڀرپور جاسوس فلم سيريز جيمس بانڊ جو اداڪار ڊينيل ڪريگ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جيمز بانڊ ننو ٽائيم ٽو ڊائي ۾ برطانوي ڳجهي ايجنسي جي ايجنٽ جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار ڊينيل ڪريگ جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ئي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو اهي ته اداڪار ڊينيل ڪريگ جي ڪورنا ۾ مبتلا ٿيڻ جي ڪري سندس سرگرميون ملتوي ڪيون ويون آهن. ڊينيل ڪريگ اڄ ڪلهه ڊرامي “براڊوي اون ميڪ بيٿ” ۾ روٿ نيگا جي مقابلي ۾ اداڪاري ڪري رهيو هو، جيڪو ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي.










