ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران پنھنجي جاري ڪيل جاري بيان ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ھندو برادري بالخصوص واٽر بورڊ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن کي سندن مذھبي تھوار ھولي جي پرمسرت موقعي تي واڌايون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ پاڪستان جي ترقي ۾ ٻين مذھبن سان تعلق رکندڙ اقليتن سان گڏوگڏ ھندو برادري جون بہ وڏيون محنتون ۽ ڪاوشون آھن، ھن جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن اقليتي ملازمن جو اداري جي استحڪام، نيڪ نامي ۽ شھرين جي خدمت ۾ اھم ڪردار آھي، جنھن تي آئون کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ھن اميد ظاهر ڪندي چيو تہ واٽر بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ملازم مستقبل ۾ بہ اداري جي بھتري، شھري خدمت بالخصوص پنھنجي عظيم وطن پاڪستان جي ترقي ۽ ڪاميابي جي لاء پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رھندا، ايم ڊي واٽر بورڊ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر بورڊ سڀني شھرين کي مذهب، قوم، ذات ۽ نسل جي بنا ڪنهن فرق پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سڀئي سھولتون فراھم ڪري ٿو.










