اداڪارا يشما گل پاران پرس ۽ فون چوري ٿيڻ تي افسوس

اداڪارا يشما گل پاران پرس ۽ فون چوري ٿيڻ تي افسوس

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا يشما گل تازو ئي ڪراچي ۾ ساڻس پيش آيل واقعي بابت انسٽاگرام تي هڪ ڪهاڻي پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته هوءَ ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 مان گذري رهي هئي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڀائرن سان حادثو پيش آيو جنهن کانپوءِ سندن حالت انتهائي خراب ٿي وئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته ٻنهي جو رت وهي رهيو هو ۽ ماڻهو کين روڊ جي ڪناري تي کڻي وڃي رهيا هئا، هنن کي ڏسي مان گاڏي مان ٻاهر نڪتس ۽ ٻڌايم ته مان ڊاڪٽر آهيان ته پوءِ آس پاس جو ميڙ ٿورو پوئتي ٿي ويو ۽ حادثي جي متاثرن کي تسلي ملي. وڊيو ۾ يشما جو چوڻ هو ته مون اتي موجود ڪجهه ماڻهن جي مدد سان ٻنهي زخمين کي ڪار ۾ ويهاريو، گاڏي هلائڻ کان اڳ فون ڳولڻ چاهيو ته پنهنجي دوست کي مدد لاءِ فون ڪريان پر ڪار مان موبائل فون غائب هو. اداڪارا جو چوڻ هو ته جلدي ۾ ڪار مان نڪرڻ سبب فون سيٽ تي ئي رهجي ويو ۽ ٿوري ئي دير ۾ غائب ٿي ويو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ هڪ ڄڻي جو پرس به ڪڍيو ويو. ”جڏهن مان اسپتال پهتس ته مون پنهنجي فون تي ڪال ڪئي، سم اڃا ڪم ڪري رهي هئي. اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، جنهن منهنجو فون کنيو، ان ان کي بند ڪري ڇڏيو،“ هن چيو ته هي ڪهڙي قسم جا بي رحم ماڻهو آهن ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ جو پرس چوري ڪن ٿا ۽ انهن جي مدد ڪندڙ جو فون کڻي وڃن ٿا. ڇا اها اسانجي مشرقي تهذيب ۽ اسلامي تربيت آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو