ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هونڊا اٽلس ڪار لميٽيڊ باضابطه طور تي پاڪستان ۾ ڇهين جنريشن جو نئون ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪورونا سبب تعارفي تقريب ڊجيٽل پليٽ فارم تان ڪئي وئي. اٽلس گروپ جي صدر عامر ايڇ شيرازي نئين ماڊل جو افتتاح ڪيو . نئين هنڊا سٽي ڪار جي افتتاح بعد سندس مقابلي جي ڪمپنين ٽويوٽا يارس ۽ چينگن ايلزون سان مقابلو وڌيڪ دلچسپ ٿي ويو آھي. نئين ڪار جي بڪنگ مئي کان شروع ڪئي وئي هئي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن ان کي بُڪ ڪيو ھو. نئين ھونڊا سٽي 5 ورشنز ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي. سڀني ماڊلز ۾ انجڻ ايس او ايڇ سي آءِ وي ٽيڪ 4 سلينڊر ۽ 16 وال هوندا. پهرين 2 ورشنز ۾ 1200 سي سي جو انجڻ آهي جڏهن ته 3 ورشنز ۾ 1500 سي سي جو انجڻ آهي.1200 سي سي جو انجڻ 89 هارس پاور ۽ 110 نيوٽن ميٽر ٽارڪ ۽ 1500 سي سي جو انجڻ 118 هارس پاور ۽ 145 Nmنيوٽن ميٽر ٽارڪ تي مشتمل آهي. نئين هونڊا سٽي جا 2 دستياب ورزن (1200 سي سي ۽ 1500 سي سي) 5 اسپيڊ دستي ٽرانسميشن آهن جڏهن ته ٻين 3 ڪي سي وي ٽي ٽرانسميشن آهن. نئين هنڊا سٽي جي سڀني ورشنز ۾ پريميئر ڊيوئل بيرل هيلوجن هيڊ لائٽس آهن، جيڪسي ڊي آر ايلز سان ليس آهن.
سڀني گاڏين ۾ 15 انچ جا ويل آهن، 1500 سي سي وارن ٻن ورشنز ۾ الاءِ رِمز آهن. هونڊا سٽي جي هن نئين ماڊل جي پوئين لائيٽس ۾ جديد بلب لڳل آهن، جڏهن ته فوگ ليمپ پهرين 3 ورشنز ۾ آپشنل ۽ آخري ٻن ۾ موجود آهن. ڇهين نسل جو پهرين 3 ورشنز ۾ پش اسٽارٽ ، آٽو ايئر ڪنڊيشنر ۽ ريئر اي سي وينٽس ناهن، جڏهن ته آخري ٻن ورشنز ۾ اهي آپشن آهن. نئين ماڊل جا 5 ورزن آئيوري اندرين رنگ ۾ موجود آهن جڏهن ته انهن وٽ ڊرائيور جي سيٽ جي اوچائي کي ترتيب ڏيڻ جو اختيار پڻ موجود آهي. 2 ورزن ۾ سائيڊ مرر آٽو ۽ ٻين 3 ۾ صرف اليڪٽرانڪ آهن. پوئين ڪئميرا پهرين 3 ورشنز ۾ اختياري آهن جڏهن ته ٻن ٻين ۾ 2 موجود آهن. پاور اسٽيئرنگ ٽلٽ ۽ ٽيلسڪوپڪ موجود آهن.
پهرين ٽن ورشنز ۾ 7 انچ ايل سي ڊي ۽ آخري ٻن ۾ 9 انچ اسڪرين واري آهي. 1200 سي سي مينوئل ۾ ڪروز ڪنٽرول ناهي باقي سڀني ۾ آهي. ٻيون حفاظتي خاصيتون آئي ايس او جو فيڪٽ سيٽ ٻارن لاءِ ، اي سي اي باڊي اسٽرڪچر ، اي سي يو ايم موبلائيزر ، سيڪيورٽي الارم ، امپيڪٽ هيڊ سيٽ ۽ پيڊسٽيرينز انجري ميٽنگ ٽيڪنالاجي شامل آهن. سٽي 1.2 ايل مينول 26 لک ، سٽي 1.2 ايل سي وي ٽي 28 لک ، سٽي 1.2 ايل سي وي ٽي 29 لک ، سٽي ايسپائر 1.5 ايل ايم ٽي ٽي 30 لک 19 هزار ۽ سٽي ايسپائر 1.5 ايل سي وي ٽي 31 لک 74 هزار موجود آهي.










