اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جيڪڏهن ملڪ اچڻ چاهي ٿو 24 ڪلاڪن ۾ سندس سفري دستاويز جاري ڪنداسين.ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان لاءِ اپوزيشن نه پر مهانگائي هڪ چئلينج آهي ، وزيراعظم خلاف ڪا سازش ڪامياب نه ٿيندي.پي ڊي ايم بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم هاڻي ختم ٿي وئي آهي سڀ کان وڌيڪ نقصان فضل الرحمان جي سياست کي ٿيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هڪ سمجھدار پارٽي آهي ، زرداري پنهنجي سيني سان ڪارڊ رکي رهيو آهي.گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري ۽ 24 ڪلاڪن ۾ هن کي سفري دستاويز جاري ڪندا سين..










