سنڌ جو 91ع واري معاهدي جي پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ وارو مطالبو رد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ جو 91ع واري معاهدي جي پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ وارو مطالبو رد، ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي خريف جي مُند ۾ ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ جو فيصلو ڪري ورتو، اڪثريتي راءِ سان ٿيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب کي آڳاٽي خريف ۾ 10 ۽ پاڇاٽي خريف ۾ 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويندو، بلوچستان ۽ ڪي پي پاڻي کوٽ کان آجا قرار، تڪراري ٽه رُخي فارمولي تحت خريف جي مند ۾ سنڌ کي 30 ڏهائي 8 ايم اي ايف پاڻي ملندو، پنجاب کي 35 ڏهائي هڪ، ڪي پي کي ڏهائي 8 ۽ بلوچستان کي 848 ڏهائي 2 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو، ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس خريف جي مُند شروع ٿيڻ جي 7 ڏينهن بعد ڪوٺايو ويو هو، ارسا چيئرمين رائو ارشاد علي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ جي ميمبرز زاهد جوڻيجو، وفاقي ميمبر اسجد علي، بلوچستان جي عبدالحميد مينگل ۽ ڪي پي جي زاهد عباس طرفان شرڪت

پهنجو تبصرو موڪليو