حڪومت بجلي جا اگهه 64 پئسا في يونٽ وڌائي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي وڌيڪ 64 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه اپريل مهيني جي بلز ۾ اوڳاڙيا ويندا، ماهوار 50 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار ۽ ڪراچي واسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ کان آجا قرار ڏنا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو