اعليٰ تعليم ۽ کاڌي جا معيار وفاق مقرر ڪندو، سي سي آءِ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، سومر تي ٻيهر اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آدمشماري جا نتيجا جاري ڪرڻ کي نئين آدمشماري سان مشروط ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران 10 سال اڳ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو، سنڌ صوبي کي 3800 ميگاواٽ واڌو بجلي ڏيڻ ۽ سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جيڪي معيار مقرر ڪندي صوبا ان تي عمل ڪندا. اجلاس ۾ نيپرا جي 2019/20  جي رپورٽ ۽ اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2020 جي منظوري ڏني. پيٽروليم جي ڳولا بابت 2012 جي پاليسي م ترميم جي به منظوري ڏني وئي. ايل اين جي بابت رٿا بندي جي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا صوبن جي گيس جي ذخيرن ۽ سندن استعمال جي وڌندڙ طلب بابت غور بعد فيصلو ڪندي. ياد رهي ته صوبا چون ٿا ته جيڪو صوبو گيس پيدا ڪري ٿو ذخيرن تي اڳ ۾ ان جو حق آهي ۽ صوبي جي ضرورت کان واڌو گيس ٻين صوبن کي ڏيو، ايل اين جي مهانگي آهي ۽ اها ان صوبي کي ڏيو جيڪو گيس پيدا ئي نٿو ڪري.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان اسٽينڊرڊ ايند ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (پي ايس ڪيو سي اي) مختلف شين جا معيار مقرر ڪندي، کاڌي پيتي جي شين جي ليبلنگ، پيڪنگ، مونوگرام وغيرو جو اختيار هن وفاقي اداري کي هوندو، صوبائي فوڊ ڪوالٽي اٿارٽيز پنهنجا معيار ختم ڪري وفاقي اداري جي مقرر ڪيل معيار تي عمل ڪندي. اجلاس ۾ زڪوات فنڊ جي صوبن ۾ ورهاست بابت فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ بعد ان کي واڌو فنڊ ڏيڻ جو فارمولو منظور ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير اسٽيل ملز ۽ ٽن اسپتالن وارا معاملا به اٿاريا ۽ چيو ته سنڌ حڪومت اين آءِ سي وڊي جون صوبي جي مختلف شهرن م برانچون قائم ڪيون آهن. اسين 100 ارب روپيا انهن ٽن اسپتالن تي لڳايا آهن مهرباني ڪري يا اسپتالون ڏيو يا 100 ارب روپيا وفاق واپس ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو