نوازشريف اتحادي پارٽين کي لانگ مارچ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مسلم ليگ ن جي تاحيات اڳواڻ نوازشريف اتحادي اپوزيشن پارٽين کي لانگ مارچ جي تيارين جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب نوازشريف اپوزيشن اتحاد(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان رابطو  ڪيو جنهن ۾ اي اين پي جي اعلان کان پوءِ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ان کان علاوه مسلم ليگ(ن) پي ڊي ايم جي ٻين 8 پارٽين سان به رابطو ڪيو جنهن اتحاد برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن اي اين پي پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو