نوازليگ استعيفيٰ جو ملبو پ پ تي ڪيرائڻ چاهي ٿي،گيلاني

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني  چيو آهي ته نواز ليگ پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ نٿي چاهي ۽ ملبو رڳو پ پ تي ڪيرائڻ چاهي ٿي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته مسلم ليگ(ن) پاڻ به استعيفيٰ نٿي ڏيڻ چاهي ۽ (ن) ليگ صرف استعيفائن جو ملبو پيپلز پارٽي تي ڪيرائڻ چاهي ٿي.(ن) ليگ  رڳو  پ پ کي قصوروار ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سمورن معاملن جو جائزو سي اي سي ۾ وٺنداسين ۽ سي اي سي کان پوءِ استعيفائون ڏئي به ڇڏيون تڏهن به(ن) ليگ استعيفائون نه ڏيندي.صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ صحافي پاران آصف زرداري جي خلاف سوئس ڪيس ٻيهر کولڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي گيلاني چيو ته سوئس ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي. ان وقت مان خط لکان ها ته منهنجي مٿان آرٽيڪل 6 لڳي وڃي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو