اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس ناهي موڪليو رڳو وضاحت گهري آهي، نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي به يوٽرن وٺي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ڪا قانوني ڪارروائي نه پئي ٿئي، پيپلز پارٽي اتحاد جو ڀروسو ٽوڙيو آهي، اُن تي وضاحت گهري آهي.










