اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان جي منظوري سان پيپلز پارٽي ۽ اَي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته اوهان اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جِي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ وارو قدم ڇو کنيو؟ اهڙو انڪشاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي ۽ اَي اين پي کان وضاحت گهري وئي آهي ته ڇو بي اَي پي کان ووٽ ورتا، احسن اقبال بلاول ڀٽو زرداري کي ٻار قرار ڏيندي چيو آهي ته بلاول جي غلط قدمن سبب پيپلز پارٽي کي ئي نقصان ٿي رهيو آهي.










