اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا م مبتلا 81 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 5 هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سڄي ملڪ ۾ 55 هزار 605 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 5020 ٽيسٽ مثبت آيا. ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 9 سيڪڙو رڪارد ڪئي وئي آهي. هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 14 هزار 778 آهي، ڪل مريضن جو انگ 6 لک 87 هزار 908 آهي. هن وقت فعال ڪيسز جو تعداد 60 هزار 72 آهي.










