اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علما اسلام جي ناراض ڌڙي جي سربراهه مولانا محمد خان شيراني وفد سان گڏ ملاقات ڪري عيادت ڪئي. ترجمان اسلم غوري پاران جاري ڪيل بيان مطابق بيماري م عيادت ڪرڻ ۽ آيل مهمانن کي مان ڏيڻ اسانجي روايت آهي، ملاقات کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ مولانا فضل الرحمان سان سياسي اختلافن بعد مولانا شيراني ڌار ڌڙي جو اعلان ڪيو هو، بظاهر اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي ٺهيل ان ڌڙي ٻوٽو نه ٻاري سگهيو هو ۽ شيراني جي گهر جي سيٽ به ننڍي چونڊ به گذريل مهيني هارائي هئي.










