اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزير اعظم عمران خان کانپوءِ صدر عارف علوي به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، سندس ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. صدر عارف علوي ٽويٽر وسيلي پيغام ڏنو ته هو ڪورونا وبا جو شڪار ٿي چڪو آهي، هن لکيو ته کيس ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳي چڪو آهي پر جسم اندر اينٽي باڊيز ٻئي ڊوز کانپوءِ ٺهنديون آهن، جيڪو هفتي اندر لڳڻو آهي. هن قوم کي ڪورونا وبا کان احتياط جي اپيل پڻ ڪئي.










