اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 57 مريض فوت جڏهن ته هاڪاري ڪيسن ۾ روزاني ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي رهي آهي. ڪورونا جا 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 767 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 656 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ هڪ ڪروڙ 066 هزار 72 ٿي وئي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 767 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل سال جون ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي هئي ۽ ان دوران ڪورونا جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي رهي هئي ۽ سڀني کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿي رهيا هئا. ان کان اڳ 6 جون 2020 تي هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 4 هزار 734 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 54 هزار 591 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 607، پنجاب ۾ 2 لک 12 هزار 918، خيبرپختونخواهه ۾ 84 هزار 609، اسلام آباد ۾ 55 هزار 594، بلوچستان ۾ 19 هزار 497، آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 367، ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 999 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 44 هزار 447 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 57 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مانهن جو انگ گڏيل طور تي 14 هزار 215 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 647 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 95 هزار 929 ٿي وئي آهي.
..










