گيلاني کي باپ ووٽ ڏنو،پي پي جمهوريت کي نقصان پهچايو،مريم

گيلاني کي باپ ووٽ ڏنو،پي پي جمهوريت کي نقصان پهچايو،مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ کي بلوچستان عوامي پارٽي باپ جي ماڻهن ووٽ ڏنو.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته صف بندي ٿي چڪي آهي ۽ لڪير به ڇڪي وئي آهي. هڪ طرف اهي ماڻهو بيٺل آهن جيڪي قربانيون ڏئي عوام ۽ آئين جي خاطر جدوجهد ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻئي طرف  اهي ماڻهو آهن جنهن ننڍي فائدي جي لاءِ جمهوري روايتن کي چيڀاٽي ڇڏيو. پيپلز پارٽي بابت سوال تي مريم نواز چيو ته ان ڳالهه جو ڏک پهتو آهي ته اوهان هڪ ننڍي عهدي جي لاءِ جمهوريت کي وڏو نقصان پهچايو آهي. عوام  هر هڪ شيءَ نوٽ ڪري رهيو آهي ته ڪير جدوجهد ڪري رهيو آهي.هي مسلم ليگ(ن) جي نه پر ان ماڻهن جي شڪست آهي جنهن هڪ ننڍي عهدي کان فائدو کنيو. مريم نواز چيو ته ننڍي عهدي جي لاءِ اوهان باپ کان ووٽ ورتا. جيڪڏهن اوهان کي اهو عهدو گهرجي ها ته اوهان نوازشريف سان ڳالهايو ها اهو اوهان کي ووٽ ڏئي ڇڏي ها. اوهان ان باپ کان ووٽ ورتا جيڪو پنهنجي باپ جي اجازت کان سواءِ ڪنهن کي ووٽ ناهي ڏيندو. (ن) ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ شايد اهو پهريون مثال آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ حڪومت سليڪٽ ڪري رهي آهي.پ پ جو نالو کڻڻ کان سواءِ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن اوهان کي تابعداري ڪرڻي آهي ته پوءِ اوهان کي عمران خان جي پيروي ڪرڻ گهرجي جيڪو نڪ جي پڪائي سان ايڪسپوز ٿي باپ جي ڳالهه مڃيندو آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته اڌ تتر ۽ اڌ بٽير هجي. هن چيو ته اوهان سمجهو ٿا ته سواءِ سليڪٽ ٿيڻ جي اوهان وٽ ٻيو رستو نه آهي ته اوهان تابعداري ڪندا آهيو. اوهان ڀلي پاڻ کي ڪيترا به دلاسا ڏيو پر اوهان کي اهو مڃڻو پوندو ته اوهان کي باپ ووٽ ڏنا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو