اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاسپورٽ جي معاملي ۾ نوازشريف ۽ پرويز مشرف سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شبلي فراز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پاسپورٽ جي تجديد نه ڪرڻ جي حمايت ڪئي. هن چيو ته قانون کي به پرويز مشرف ۽ نوازشريف سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي قائد نوازشريف جي سفارتي پاسپورٽ جي تجديد لاءِ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڏنل درخواست رد ڪئي وئي آهي ۽ گهرو وزارت پرڏيهي وزارت کي نوازشريف جو نئون سفارتي پاسپورت جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.










