اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ ڪيسن وارن ضلعن ۾ 11 اپريل تائين تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي شدٽ گهٽ آهي. لاهور سميت پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪورونا جي پکيڙ ڳڻتي جوڳي آهي خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن ۾ به ڪورونا جي پکيڙ آهي. 11 اپريل تائين مخصوص ضلعن ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ بند رهندا. ڪهڙن ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻا آهن اهو فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون.وفاقي وزير چيو ته لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا، گجرات، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ، سرگودها ۽ شيخوپوره ۾ تعليمي ادارا بند رهندا. پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ پراڻي شيڊول موجب اسڪول کليل رهندا. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسڪول سيل ڪيا ويندا. شفقت محمود چيو ته ڪورونا کي نظر ۾ رکندي گذريل سال نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان نه ٿيا هئا پر هن ڀيري ائين نه ٿيندو. نائين کان ٻارهين جا امتحان شيڊول موجب مئي جي آخر ۾ ٿيندا. ڪيمبرج نظام تحت هلندڙ امتحان جلد شروع ٿي رهيا آهن.صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪيمبرج سان ميٽنگ ڪنداسين. ياد رهي ته پريس ڪانفرنس کان اڳ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليم وارا وزير، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسلام آباد جي تعليمي ادارن کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن بند رکڻ جي تجويز ڏني وئي. اين سي او سي پنجاب جي 10 ضلعن ۾ تعليمي ادارا 11 اپريل تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.










