صدر۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

صدر۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ڊاڪٽر علوي يوم پاڪستان تي ڪشميري ڀائرن جي حق خوداراديت جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عهد ڪيو آهي وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ تاريخي موقعو هو جڏهن ته برصغير جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندتوا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي زنجيرن مان آزاد ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو. هن ڏينهن کي ملهائيندي اسان کي قائداعظم محمد علي جناح طرفان واضح ڪيل اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست جيان هڪ جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻو آهي.عمران خان چيو ته اڄ اسان کي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي. جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي رکيو آهي. انشاءَالله اسان آزمائش جي هن گهڙي ۾ به ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن اسان والاريل جمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ڀارتي سيڪيورٽي فورسز طرفان بدترين رياستي جبر کي منهن ڏنو آهي. اسان هنن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفري حمايت جاري رکنداسين.صدر ڊاڪٽر عارف علوي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال بنائڻ جو ارادو ڪريون ٿا. اسان پنهنجي ملڪ ۾ جمهوري اقدار، قانون جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو به عهد ڪريون ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي.مظلوم ڪشميرين کي ڀارتي فورسز ڏهاڪن کان باندي بنائي رکيو آهي. ڪشمير کي بدترين جبر ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بنايو ويو آهي. پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حق خود اراديت جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عهد ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو