اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻن ڏينهن کان لڳاتار بارش جاري رهڻ سبب 23 مارچ واري پاڪستان ڊي پريڊ ملتوي ڪئي وئي آهي ۽هاڻي اها پريڊ 25 مارچ تي منعقد ٿيندي. فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته مسوم جي خرابي سبب اهرو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پريڊ جو رواج 1956 کان پيو پر ملڪ م دهشتگردي سبب 2008 کان 2015 تائين پريڊ منعقد نه ڪئي وئي هئي.هن پريڊ جي تياري شڪر پَڙيان ۽ فيض آباد جي وچ واري گرين بيلٽ ۾ ٿيندي آهي ۽ هڪ ڏينهن جي هن پريڊ تي 5 ارب روپين جي لڳ ڀڳ خرچ ٿيندو آهي. فرانس، برطانيا ۽ چين سميت دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ سالياني فوجي پريڊ منعقد ٿيندي آهي پر امريڪا ۾ نه ٿيندي آهي سندن چوڻ آهي ته اهو وسيلن جو ضياع آهي.










