اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ استعيفائن جي معاملي تي اختلاف وڌي ويا، ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري استعيفيٰ کان جواب ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جو فورم ڇڏڻ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان کي مضبوط ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته اسين پهاڙن تي نه پر پارليامينٽ ۾ وڙهڻ وارا آهيون.

ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي هن چيو ته ميان صاحب اسين جنگ لاءِ تيار آهيون اسانجو ڊوميسائيل مختلف آهي، ميان صاحب اوهان پنجاب جي نمائندگي ڪريون ٿا، ملڪ اچو ته استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسحاق ڊار ووٽ ڏيڻ به نه آيو، اوهان استعيفائن کانسواءِ لانگ مارچ بيڪار هجڻ جا بيان ڏئي ميڊيا ذريعي دٻاءُ وڌايو ان طريقي سان اتحاد نه هلندا آهن.

اهڙا فيصلا نه ڪريو جو رستا ڌار ٿي وڃن، اجلاس ۾ پي پي پاران يوسف رضا گيلاني، راجه پرويز اشرف، قمرالزمان ڪائره ۽ شيري رحمان شريڪ آهن. بلاول ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪندو. ان وقت ميان نواز شريف به لنڊن مان ويڊيو لنڪ تي موجود هو پر هو خاموش رهيو پر زرادري جي تقرير تي مريم ڪاوڙ ڪندي چيو ته منهنجو والد بيمار آهي، جيل ۾ ٻه ڀيرا دل جو دورو پيس، هو علاج لاءِ ترسيل آهي بهتري ٿيڻ بعد واپس ايندو، زرداري صاحب اوهان ضمانت ڏيندا سندس صحت جي، مسلم ليگ (ن) وڏي جماعت هجڻ باوجود پي ڊي ايم جي فيصلن جي پابندي ڪئي جنهن پارليامينٽ ۾ جعلي حڪومت ويٺي آهي ان ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو، اسين اوهان جون ڳالهيون مڃيون اوهان ڪيئن ٿا ائين ڳالهايو.؟.

اجلاس ۾ گرما گرم بحث بعد مغرب جي نماز جو وقفو ڪيو ويو. نماز بعد اجلاس شروع ٿيو ته مولانا فضل الرحمان چيو ته غفور حيدري کي اپوزيشن جا 6 ووٽ گهٽ مليا ۽ سڀني کي خبر آهي ته اهي ڪنهن نه ڏنا، اهڙي بيوفائي ڇو ڪئي وئي.

اسان ته پنهنجا پورا ووٽ ڏنا. ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز ليگ سمجهي ٿي ته استعيفائن کان سواءِ مارچ ۽ ڌرڻي جا نتيجا نه ٿا ملي سگهن، حڪومت سينيٽ اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي عدالتن جا چڪر لڳندا ۽عدالتون ئي فيصلو ڪنديون، اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي هن چيو ته حڪومت حفيظ شيخ جي شڪست جو بار اليڪشن ڪميشن تي وجهڻ گهري ٿي، وفاقي ڪابينا شڪست تسليم ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪيو، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو آيو ته حڪومت هڪ ڏينهن به نه رهندي، جنهن ماڻهو جي نگراني ۾ سينيٽ اندر ڳُجهيون ڪئميرائون لڳايون ويون، اُهو ئي ڌانڌلي ذريعي ٻيهر چيئرمين ٿي ويو، ٻئي طرف پ پ اڳواڻ سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پيپلز پارٽي چئي چڪي آهي ته پارليامينٽ جو فورم نه ڇڏڻ گهرجي، پارليامينٽ جو فورم ڇڏڻ غلط هوندو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بابت حڪومتي موقف سندن پريشاني ۽ وائڙائپ جو عڪاس آهي. ان کان اڳ اسلام آباد جي احتساب عدالت سليم مانڊوي والا ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي..










