اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته مهانگائي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون پيون وڃن.ننڪانه صاحبه جي علائقي منڊي فيض آباد ۾ ريسڪيو 1122 جي اسٽيشن جي افتتاح کان پوءِ خطاب ڪندي اعجاز شاهه چيو ته مهانگائي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون پيون وڃن.وفاقي وزير چيو ته ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪندڙ پرڏيهه ۾ ويٺل آهن ۽ انهن جي ڦرمار جو نتيجو عوام ڀوڳي رهي آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم جي حڪم تي ضلعي ننڪانه کي ايل ڊي اي سي مان ڪڍيو ويندو.اعجاز شاهه وڌيڪ چيو ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪميونٽي پوليس وقت جي اهم ضرورت آهي.










