اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ماحولياتي پاليسين کي دنيا مڃي رهي آهي ۽ ڪورونا ۾ اسان جي گرين ريڪوري پروگرام ۽ ڪلائميٽ ايڪشن پلان کي عالمي سطح تي وڏي موٽ ملي آهي.وزيراعظم عمران خان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي پاڪستان جي ماحول دوست ڪاوشن تي وڊيو به پنهنجي پيغام ۾ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ حڪومت جي گرين پاڪستان ڪوششن کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ عالمي اقتصادي فورم جو چوڻ آهي ته پاڪستان 2030 تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد وسيلن کان حاصل ڪندو.پاڪستان ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ وارا سمورا منصوبا ملتوي ڪري انهن کي پاڻي سان بجلي ٺاهڻ جي پراجيڪٽس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عالمي اقتصادي فورم جو چوڻ آهي ته پاڪستان 85 هزار کان وڌيڪ گرين نوڪريون پيدا ڪيون.وڻ لڳائڻ جو عمل شروع ڪري ٻيلي جو تحفظ يقيني بنايو پيو وڃي. پاڪستان 15 نوان نيشنل پارڪ ٺاهيا ۽ 500 ملين ڊالر جا گرين يورو بانڊز لانچ ڪيا.










