ڪورونا ۾ تيزي 32فوت 26سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا ۾ تيزي 32فوت 26سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي ٽئين لهر تيزي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ گذريل هڪ ڏينهن ۾ هن وبا سبب وڌيڪ 32 فوتيون ٿيون آهن. جڏهن ته 2 هزار 664 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 40 هزار 564 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين ڪيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 94 لک 65 هزار 702 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 664 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ ڪورونا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 6 لک 5 هزار 200 ٿي ويو آهي.سنڌ 2 لک 61 هزار 179، پنجاب ۾ هڪ لک 85 هزار 468،  بلوچستان 19 هزار 206، خيبرپختونخواهه 75 هزار 725، اسلام آباد ۾ 47 هزار 710، آزاد ڪشمير 10 هزار 952 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 690 ڄڻا ڪورونا مان متاثر ٿي چڪا آهن. ڪورونا وبا وڌيڪ 32 مريضن کان  حياتيون کسي ورتيون آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وبا سبب گڏيل فوتين جو انگ 13 هزار 508 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ ڪورونا وبا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون رپورت ٿيون آهن جتي هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 5 هزار 753 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾ 4 هزار 453، خيبرپختونخواهه 2 هزار 153، اسلام آباد ۾ 524، گلگت بلتستان ۾ 103، بلوچستان ۾ 202 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 320 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب ڪورونا جي وڌيڪ هڪ هزار 275 مريضن هن وبا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين 5 لک 70 هزار 571 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جا 21 هزار 121 فعال مريض آهن جن مان هڪ هزار 805 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر سنگين ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جي شرح 5 کان 6 سيڪڙو ٿي چڪي آهي اسلام آباد ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڳڻتي آهي. وڏن سهرن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه مختلف ملڪن جي سفر تي وڌيڪ پابندين تي غور ڪيو ويو. پر سمورن اسٽيڪ هولڊز سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو