اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چونڊن کانپوءِ اسپيڪر به چورن جيان فرار ٿي ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اوچتو ملتوي ڪرڻ حڪومتي وائڙائپ جو ثبوت آهي، پي ڊي ايم حڪومت کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نئين سر اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شاهد خاقان عباسي، راجا پرويز اشرف ۽ ٻين پي ڊي ايم اڳواڻن چيو آهي ته هاڻي ڌانڌلي ۽ داٻن سان اسيمبلي هلائڻ جو وقت ختم ٿي ويو، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻو آهي ته نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن، سينيٽ چونڊن کانپوءِ اڪثريت وڃائي چڪي آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ناڪامي سان حڪومت جا سمورا ٽڪساٽ فضول ٿي ويا.










