اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل چيو آهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي، وزيراعظم عمران اوگرا جي تجويز رد ڪري ڇڏي، هن ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اوگرا پيٽروليم جي اگهن ۾ 6 کان 7 روپيا في ليٽر تي واڌ جي تجويز ڏني هئي جنهن کي رد ڪئي وئي آهي، هن چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ باوجود وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جون قيمتون برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.اپوزيشن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عوام کي بيوقوف بنائي سستي شهرت لاءِ ڊراما ٿو ڪري عوام کيس سڃاڻي ويو آهي.










