مسلم ليگ (ن) پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو ويلڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نون ليگ اين اي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي ويلڪم ڪندي ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. نون ليگ جِي اميدوار نوشين افتخار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ووٽ چورن جو آئنده به مقابلو ڪنداسين، محمد زبير چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي هئي، جيڪا اڄ ناڪام ٿي وئي: تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بادشاهت واري سوچ کي شڪست آهي، تفصيلي فيصلو اچڻ بعد ليگل ٽيم اڳتي جِي حڪمت عملي جوڙيندي: عثمان ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اڄ نون جي سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو، تڪ تي ٻيهر چونڊ جو حڪم نون ليگ جي ناڪامي جو ثبوت آهي..

پهنجو تبصرو موڪليو