سيالڪوٽ ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿي وئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اين اي 75 سيالڪوٽ بابت رٽرننگ آفيسر پاران تحريري طور جمع ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صبح تائين لاپتا رهندڙ پرزائيڊنگ آفيسرن پاران صبح جو جمع ڪرايل رٽرننگ آفيسر وٽ چونڊ نتيجي توڙي ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار کي مليل پرزائيڊنگ آفيسرن جي فارم 45 ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن ۾ واضح طور تي فرق سامهون آيو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاپتا ٿيل پرزائيڊنگ آفيسرن پاران صبح سان فراهم ڪيل نتيجن مطابق انهن پولنگن تي 75.34 سيڪڙو ووٽ پول ٿيا، جنهن مان پي ٽي آي جي اميدوار کي 12763 ۽ ن ليگ جي اميدوار کي 3500 ووٽ مليا، جڏهن ته 1731  ووٽ رجيڪٽ ٿيل ڏيکاريا ويا، جڏهن ته ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار کي فراهم ٿيل فارم 45 تحت ن ليگ جي اميدوار کي 5 هزار ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار کي 6705 ووٽ مليل ڏيکاريا ويا آهن، انهن فارم 45 مطابق انهن پولنگ اسٽيشنن تي 45.16 سيڪڙو ووٽ پول ٿيا، جڏهن ته ڪل 139 ووٽ رجيڪٽ ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو