نوشھرو فيروز (رپورٽ منظورملڪ)سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مھر ۽ پريس ڪلب نوشھرو فيروز پاران استاد اقبال حسين سان تعليمي خدمتن ۽ ادبي خدمتن تي رھاڻ رچائي وئي جنھن جي صدارت سبحان جتوئي ۔اعزازي مھمان رضاحسين لانگاه ۔اخترحسين صدر عوامي پريس ڪلب ضمير حسين وسطڙو مسٽ سائنس ڪاليج جو پرنسيپل ۔پروفيسر اصغر ڀرئي ۔پروفيسر جبار ملح ۔ايم ظفر تڳر ۔۔معشوق علي وڳڻ سماج سدرڪ استاد ۔ مير حسن مھر سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مھر جي سينئر صحافي صدر ھيومن رائٽس پروٽيڪشن فور م پاڪستان ۔ايم بي مشوري اڳوڻو صدر نيشنل پريس ڪلب سگھڙ جمن ابڙو ۔ ايم ظفر تڳر صدر پريس ڪلب ۔ مرڪزي چيئرمين سنڌ يونين آف جنرلسٽس ۔۔ ۽ ٻين سائين جي زندگي تعليمي ادبي خدمتن تي ڳالھايو ۽ چيو ته سائين جا سوين شاگرد آھن جيڪي وڏن وڏن عھدن تي فائزآهن، سائين پرائمري کان وٺي ايڇ ايس ٽي تائين تعليمي ميدان ۾ وڏيون ڪوششون ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون جنھن شاگرد وٽ فيس نه ھوندي ھئي ان جي فيس به پاڻ ڀريندو هو ۽ ان شاگرد جي غربت جون ڳالھيون ٻڌي روئي ڏيندو ھوسائين جي شاعري به غضب آ اسان سائين کي سلام پيش ٿا ڪيو ۽ ايندڙنسل کي ميسيج ٿا ڏيون توھان به تعليم ميدان ۾ محنت ڪري نالو ڪمايو مرڻ گهڙي تائين ماڻھن جي دلين ۾ زنده رھو ان موقعي تي سگھڙن شاعرن غلام حسن ڪلھوڙو ۔جمن ابڙو ۔آچر سولنگي پنھنجي شاعري وسيلي سائين کي ڀيٽا ڏني گلوڪار رضا حسين وسطڙو ۽ شڪيل سمون سائين جي شاعري ڳائي سائين اقبال کي ڀيٽا ڏني ۽ قومي گيت ڳائي محفل کي جھو مائي ڇڏيو ۔ ظفر تڳر سڀني دوستن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ گيڙو جا تحفا ڏنا۔










