بدين (ن سنڌيار) سنڌ ثقافت کاتي پاران لاڙ ميوزم بدين آڏو گذريل رات مچ ڪچهري منعقد ڪئي ويئي، ميزباني جا فرائض زبير احمد جعفراڻي ۽ ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر انجام ڏنا.مچ ڪچهري ۾ شريڪ سگهڙ عبدالله ٽالپر ڏور ٻڌايا، سگهڙ حاڪم لغاري درهو ٻڌايو، سگهر بچل احمداڻي گرو ۽ چيلي واري ڪهاڻي لوڪ ادب طور ٻڌائي، سگهر اسماعيل شورو ڳجهارتون ڏنيون ۽ سگهڙن حسن بصري ۽ ساهر فقير گڏجي ڳجهارتون ڀڃيون.ساهڙ فقير ۽ حافظ عطا محمد گڏجي نه ڙبيت ٻڌايا ۽ قادر بخش لغاري گڏجي سينگار ٻڌايا، مير حاجن ٽالپر سينگار کول بيت ٻڌايا، سگڙ نوجوان مهر علي جمالي پنهنجي انداز ۾ شاهه لطيف، حافظ نظاماڻي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري ٻڌائي، سگهڙ ربنواز، خدا بخش کاهوڙي، مير بليدي، دلدار شاهه، غلام حيدر ٻگهيو، محسن جمالي، قيوم راهو، محمد اشرف چانڊيو سندن خوبصورت شاعري ۽ شاهه لطيف جي شاعري ٻڌائي.سگهڙن جي مچ ڪچهري ۾ فقير ذوالفقار لنڊ بوڙينڊو وڄايو، جڏهن ته خالد حسين ٽڳڙ بانسري تي مختلف ڌنون ٻڌايون.
