ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه فلمي دنيا ۾ وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه فلمي دنيا ۾ جوهر ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.حريم شاهه پاڪستان جي پهرين ۽ ٽي ٽي پليٽ فارم اسٽريمنگ ويب سائٽ  اردو فلڪس جي ويب سيريز ۾ نظر ايندي. اردو فلڪس جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان گذريل ڏينهن حريم شاهه جي پراجيڪٽ سائن ڪرڻ جي تصوير شيئر ڪئي وئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته حريم شاهه اردو فلڪس جي ويب سيريز جي فلم انڊسٽري جي دنيا ۾ قدم رکڻ وڃي رهي آهي.حريم شاهه کي ويب سيريز راز ۾ اداڪاره طور ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. حريم شاهه ويب سيريز جو پرومو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو آهي.حريم شاهه جو شمار پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۾ ٿيندو آهي پر هو پنهنجي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز کان وڌيڪ تڪراري وڊيوز سبب وڌيڪ مشهور ٿي آهي. ان کان علاوه مختلف سياستدانن  سان گڏ منظر عام تي ايندڙ تصويرن ۾ به حريم شاهه جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو