اسٽيبلشمينٽ هر ڀيري مارشلا هڻي ملڪ جو نقصان ڪيو،اچڪزئي

اسٽيبلشمينٽ هر ڀيري مارشلا هڻي ملڪ جو نقصان ڪيو،اچڪزئي

لاڙڪاڻو(ن سنڌ يار) محمود خان اچڪزئي بلاول کي مبارڪ ڏيندي چيو ته هڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندڙ اڄ گڏآهيون پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي عوام جي لاءِ .هن چيو ته اسين سڀ هتي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف گڏ ٿيا آهيون جنهن هر ڀيري مارشلا هڻي ملڪ جو نقصان ڪيو آهي ۽ پاڪ فوج جو وقار خراب ڪيو آهي  هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي عوام جي خدمت جي سزا ڏني وئي.هن چيو ته ڀٽو خاندان صرف سنڌين جا نه پر تمام ڌرتي جا ليڊر آهن . هي اسان جو ملڪ آهي سنڌ سنڌين جي آهي پنجاب پنجابين جو آهي بلوچستان بلوچن جو آهي خيبر پختونخواه پختونن جو آهي  هن چيو ته جيڪو جنرل آئين جي پاسداري ڪندو آهي پي ڊي ايم جو ان کا سلام آهي.  هر ڀيرو مارشلا هڻي اسٽيبلشمينٽ ملڪ جو نقصان ڪيو آهي. هن بلاول کان واعدو گهريو جو استعيفا ڏيڻ جو.

پهنجو تبصرو موڪليو