ڪورونا ۾ مبتلا ماهره خان جو مداحن لاءِ  خاص پيغام

ڪورونا ۾ مبتلا ماهره خان جو مداحن لاءِ خاص پيغام

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ماهره خان انهن ڏينهن ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهي.سپر اسٽار ماهيره خان  ڪجھ ڏينهن اڳ عالمي موذي مرض ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي هئي ڪالهه پنهنجي 36 هين سالگره تي پنهنجي مداحن لاءِ هڪ خاص پيغام جاري ڪيو.تصويري شيئر ڪرڻ واري ايپ انسٽاگرام تي ماهره خان پنهنجي سڀني مداحن لاءِ هڪ خاص ڪهاڻي شيئر ڪئي.  ۽ هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مان جنم ڏينهن تي موصول ٿيندڙ سڀني پيار ڪندڙ جي پيغامن ، اي ميلز ۽ وڊيوز جو جواب ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندس الحمدلله ، مان هاڻي ٺيڪ آهيان ۽ مان صحتمند ٿي رهي آهيان. اهو توهان جي دعائن جو نتيجو آهي ته هاڻي مون کي پنهنجي دل ۾ ڪورونا وائرس بابت ڪا شڪايت نه آهي  هن چيو مان هن وقت توهانجي محبت محسوس ڪئي. مان توهان سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ماهيره خان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پوسٽ ذريعي مداحن کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو