سبسڊي نه ملي ته سورج مکي جو گهربل هدف پورو نه ٿيندو

حيدرآباد (ن سنڌ يار) سنڌ ۾ سورج مکي جي پوک جو سلسلو شروع ٿي ويو. وفاقي حڪومت سورج مکي جي پوک لاءِ اعلانيل سبسڊي اسڪيم تي عمل نه ڪيو. اسڪيم تي عمل نه ٿيڻ سبب آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. آبادگار بورڊ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سبسڊي تي عمل نه ٿيو ته سورج مکي جي پوکي جو گهربل هدف پورو نه ٿي سگهندو. سنڌ ۾ 50 هزار ايڪڙ ايراضي تي سورج مکي جي پوک ممڪن ٿي سگهي ٿي. سنڌ آبادگار بورڊ پاران سبسڊي تي عمل ۽ سورج مکي جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو