پوليس مقابلي بابت ڌاڙيل جو بيان ڪوڙو آهي،ايس ايس پي

غوثپور (رپورٽ عبدالنبي ملڪ)ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ امجد شيخ روپوش ڌاڙيل جيئند جاگيرڻ جي وائرل ويڊيو ۾ ڏنل موقف رد ڪندي چيو آهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪو شخص پنهنجي زال، پٽ ۽ ڀائٽي جي مقابلي ۾ مارجڻ کي نٿو مڃي ته سندس موقف ڪيئن سچو ٿي سگهي ٿو. بدنام ۽ خطرناڪ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ چيو هو ته سندس 8 قبيلن سان جهيڙو آهي ۽ سندس مخالفن مٿس حملو ڪري ماڻهو ماريا هئا پوليس نه ماريا هئا.

Dacoit Jeeand Jagirani Speaks, Photo Sindhyar

هن چيو قبائلي جهيڙي ۾ مارجڻ بعد پوليس مخالفن سان گڏ اچي ڪوڙي دعوايٰ ڪئي هئي ته پوليس مقابلي ۾ ڌاڙيل ماريا آهن. ايس ايس پي چيو آهي ته بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي پنهنجو دٻدٻو ڪچي ۾ برقرار رکڻ لاءِ ڪوڙو وڊيو بيان جاري ڪيو آهي. امجد علي شيخ وڌيڪ چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري 3 ڌاڙيلن کي ماري ڇڏيو جيڪا بدنام ڏوهاري جئيند جاگيراڻي پٽ ۽ ڀائيٽو هئا جيڪي 40 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ روپوش هئا ۽ انهن مٿان سرڪار طرفان 5 لک رپيا انعام رکيل هو. مقابلي ۾ جيئند جي زال به مارجي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو