غلام النبي مهيسر جي 20هين ورسي، زبردست ڀيٽا پيش

ميھڙ (ن سنڌيار)سنڌ جي نامياري شاعر ۽ مشھور مولودي حاجي غلام نبي مھيسر جي 20 ھين ورسي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران ادبي ڪانفرنس حيدر بخش خان جتوئي لائبريري ميھڙ ۾ ٿي. جنھن ۾ سڄاڻ ڌرين اديبن ۽ شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔ صدارتي خطاب ڪندي نامياري اديب محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته شاعري وسيع مفھوم وارو پيغام ڏيندڙ صنف آھي. حاجي غلام نبي مھيسر جي شاعري تمام گھڻي معني ۽ مفھوم رکندڙ شاعري آھي، ھن رڳو مذھبي شاعري ناھي ڪئي پر ڌرتي کي به ڳايو آھي ۔ حاجي غلام نبي مھيسر جي ڪلام کي ڪلاسيفاء ڪرائي ڪتاب ڇپرائڻ گھرجن. ھن چيو ته سنڌ جو تصوف دنيا جي تصوف کان منفرد آھي ۔ سنڌ جي فڪر جون جڙون رواداري ۽ڀائپي سان جڙيل آھن ۔ سنڌ سمورن مذھبن جو گلدستو رھي آھي ۔ ڪانفرنس ۾ خاص مھمان نامياري شاعر اديب جوھر بروھي چيو ته حاجي غلام نبي مھيسر پنھنجي دور جو نمائنده شاعر ھو ۔ ھو آفاقي شخصيت جو مالڪ ھو سندس قومي مزاحيا شاعري به ڪمال جي آھي ۔ ھن چيو ته نبي ڪريم صه سان عرب کان به وڌيڪ سنڌ ۾ والھانا محبت ڪئي وڃي ٿي ۔ مولود جو تعلق نبي ڪريم صه جي ولادت سان آھي جيڪو سنڌي ٻوليء ۾ لکيو ويو آھي۔ نبي ڪريم صه کي نبوت ملڻ بعد نعت لکي وئي آھي ۔ حاجي غلام نبي مھيسر مولود جو وڏو شاعر ھو۔ نامياري شاعر عبد مگسي چيو ته حاجي غلام نبي مھيسر ھرفن مولا شاعر ھو ۔ پير آف ميھڙ سيد محمد شاھ چيو ته  حاجي غلام نبي مھيسر سچو عاشق رسول ھو ۔ حاجي غلام نبي مھيسر جي فرزند نامياري نعت خوان ۽ شاعر نالي مٺو مھيسر چيو ته بابا حاجي غلام نبي مھيسر محبت ڪندڙ شفيق والد ھو ۔ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي خزانچي آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته حاجي غلام نبي مھيسرجي قومي ۽ رومانوي شاعري جلال چانڊيي کان ممتاز لاشاري ۽ سرمد سنڌي کان سڄڻ سنڌي  تائين سڀني ڳائي ۔ ھو باڪمال شاعر ھو ۔ ڪانفرنس کي سرمد بروھي ۔ محبوب ڏيپر ۔ قاضي عزيزالله مھيسر ۔ حافظ بدرالدين آڳرو ۔  اعجاز مھيسر ۔ عابد ڪلھوڙو ايڊووڪيٽ ۔ نماڻو صديق مھيسر ۔ حذب الله ميھڙائي ۔ غلام نبي مھيسر جونيئر ۔ محمد عمر تيوڻو ۔ محسن رضا چانڊيو ۔ ممتاز خاصخيلي ۔ شبيرڻ پاٽائي ۔ گلزار سومرو ۔ حافظ عبدالخالق مھيسر ۔ حاجي عبدالحق مھيسر ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ حاجي غلام نبي مھيسر جي شاعري ٻڌائي داد ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو