پاڪستاني اداڪاره رباب هاشم جي ڪنهن سان شادي

لاهور(ويب ڊيسڪ )پاڪستاني ٽي وي اداڪاره رباب هاشم جي وناح جي رسم  لاءِ پاتل ڪپڙن جون تصويرون سامهون اچڻ تي ان جي شادي جون خبرون هلي رهيون آهن.گذريل ڏينهن اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي وناح جا ڪپڙا پاتل ۽ هٿن ۾ مهندي لڳائڻ دوران مسڪرائيندي تصوير شيئر ڪئي وئي. رباب هاشم جي وناح ۾ ويٺل تصوير مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو پر انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصويرن جي ڪيپشن ۾ في الحال اداڪاره طرفان هينئر تائين ڪابه ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي پر مداحن طرفان شادي جي مبارڪبادن جو سلسلو جاري آهي.ٻئي طرف اداڪاره رباب هاشم گهوٽ جي حوالي سان تصديق ميرج بيورو سان لاڳاپيل مسز خان طرفان ڪئي وئي آهي. مسز خان طرفان شيئر ڪيل پوسٽ موجب هن اداڪاره رباب هاشم جي لاءِ  گهوٽ ڳولي ورتو آهي. مسز خان جو چوڻ آهي ته رباب هاشم صهيب نالي شخص سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي.واضح رهي ته گذريل سال رباب هاشم خانگي چيل جي ڊرامي ميري محسن ۾ اداڪار سيد جبران سان مرڪزي ڪردار ۾ جلوا ڏيکاريا هئا جنهن ۾ هن  ڪافي مشهوري ماڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو