هن ڀيري ثقافتي ڏينهن جوش سان ملهائينداسين، کوسو

نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ(ليڊي ھيلٿ سپروائيزر صفوره کوسو چيو آھي ته سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي اسان جو شان آھي جيڪو صدين کان ھلندو پيو آھي ھن اھڙن خيالن جو اظھار ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي اجلاس ۾ ڪيو ھن چيو ته اسان جي ثقافت کي پوري دنيا بھترين طور تسليم ڪيو آھي اسان پنھنجي نسلن کي پنھنجي ثقافت منتقل ڪندا پيا اچون ته جيئن اھا قيامت تائين زندھ رھي اسان ثقافت جو ڏينھن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائينداسين ھيءُ ڏينھن عيد جي ڏينھن کان گهٽ ناھي جيڪڏھن ثقافت زندھ آھي ته اسان به زندھ آھيون ھن سنڌي قوم کي اپيل ڪئي ته ھر حال ۾ ثقافت جو ڏينھن ڀرپور طريقي سان ملھائي پنھنجو نالو سنڌي ھجڻ واري فھرست ۾ لکرايو

پهنجو تبصرو موڪليو