اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح جو اعلان

ڪراچي(بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 7 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ايس بي پي طرفان جاري ڪيل بيان موجب معيشت جي بحالي تيز ٿي رهي آهي ۽ ڪاروباري جذبات وڌيڪ بهتر ٿيا آهن جڏهن ته ڪورونا جي ٻي لهر پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي سست ڪرڻ جي لاءِ اهم خطرو آهي. ايس بي پي مطابق افراط زر خوراڪ جي فراهمي جو نتيجو آهي جيڪو عارضي هوندو افراط زر جي شرح مالي سال جي 7 کان 9 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي جڏهن ته افراط زر کي درپيش خطرات ۽ اقتصادي ترقي وارو منظر متوازن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو